Share this link via
Personality Websites!
475873
9363
اولياءِ ڪرام جي فيضان سان عوام تائين پهچائڻ ۽ عملي طور سنتن کي پنهنجين عادتن ۽ طور طريقي جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن.
حيدرآباد (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته هڪ ڀيري عاشقانِ رسول جو هڪ قافلو حيدرآباد کان ٽنڊو آدم پهتو. قافلي وارن عاشقانِ رسول 3 ڏينهن تائين مسلسل نيڪيءَ جي دعوت جون خوب ڌومون مچايون. آخري ڏينهن تي هڪ غير مسلم شخص مسجد جي ٻاهران آيو ۽ ان اميرِ قافلا سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اميرِ قافلا اسلامي ڀاءُ مسجد مان ٻاهر آيا ۽ مُسڪرائي پُرجوش انداز ۾ ان غير مسلم سان ملاقات ڪئي. اهو غير مسلم چوڻ لڳو: اسلام نهايت پاڪيز ھ دين آهي جيڪو امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏئي ٿو، پر مان مسلمان نه آهيان. جنهن تي اميرِ قافلا اسلامي ڀاءُ کيس سمجهايو ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. اَلحمدُ لِلّٰہ! اهو غير مسلم ان ئي وقت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.
اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ هن نئين مسلمان (New Muslim) خواهش ظاهر ڪئي ته منهنجي گهر وارن کي به سمجهايو! اميد آهي ته توهان جي سمجهائڻ سان اهي به مسلمان ٿي ويندا. تنهنڪري سندس خواهش تي قافلي وارا عاشقانِ رسول ان جي گهر هليا ويا، سندس اهلِ خانه (مثلاً والد، چاچن ۽ ڀائرن وغيره) کي سمجهايو ۽ انهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته اَلحمدُ لِلّٰہ! سندن محنت رنگ لاتو ۽ ان گهر جا 9 فرد اسلام جي دامن سان وابسته ٿي ويا.
بعد ۾ اميرِ قافلا اسلامي ڀاءُ مسلمان ٿيڻ واري شخص کان پڇيو: توهان دينِ اسلام جي باري ۾ دل ۾ نرمي رکندا هئا، پوءِ به توهان ايترو عرصو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami