Share this link via
Personality Websites!
475576
9348
مسئلو: نقشِ نعلِ پاڪ يا لکت وارو بيج (Badge) لڳائي بيت الخلا (Toilet) ۾ وڃڻ مڪروه ۽ بي ادبي آهي.
وضاحت: حديثِ پاڪ ۾ آهي : نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جڏهن بيت الخلا ويندا هئا ته پنهنجي منڊي مبارڪ (جنهن تي الله پاڪ جو نالو لکيل هو) لاهي ڇڏيندا هئا.([1])عالمن سڳورن جو چوڻ آهي ته مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جي هن ادا مان معلوم ٿيو ته هر اها شيءِ جيڪا قابلِ تعظيم هجي، مثال طور جنهن تي الله پاڪ جو، ڪنهن نبي يا ملائڪ جو نالو لکيل هجي، بيت الخلا ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ان کي پاڻ کان ڌار ڪري وٺڻ مستحب آهي ۽ ان جي ابتڙ ڪرڻ مڪروه آهي.([2])
اَلْحَمْدُ لله! ربيع الاول شريف جو مهينو آهي، عاشقانِ رسول پنهنجي سينن تي مختلف پيارا پيارا بيجز لڳائيندا آهن، تمام سٺي ڳالهه آهي، نيڪ نيت هجي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جو ثواب به ملندو، پر بيت الخلا وڃڻ وقت احتياط ڪيو وڃي ته هي مقدس بيج لاهي الڳ رکيو وڃي ته جيئن ان جي بي ادبي نه ٿئي. ها! جيڪڏهن گم ٿيڻ جو انديشو هجي ته لاهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو! جيڪڏهن اهو به ممڪن نه هجي ته جنهن جاءِ تي بيج لڳل آهي، ان جي مٿان ڪو ڪپڙو وغيره وجهي ان کي ڍڪي ڇڏيو! ان جي ابتڙ ڪرڻ يعني نقشِ نعلِ پاڪ يا مقدس لکت وارو بيج لڳائي، ان کي ڍڪڻ کانسواءِ بيت الخلا ۾ هليو وڃڻ مڪروه ۽ بي ادبي آهي. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami