• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • حضور اڪرم ﷺ جي مبارڪ نَعلين جي نقش جون برڪتون arrow icon
    • page 8
    book-logo
    book_icon
    حضور اڪرم ﷺ جي مبارڪ نَعلين جي نقش جون برڪتون
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    475337

    9336

    * نمازون ته ٻيا صحابي به پڙهندا هئا * روزا ته ٻيا صحابي به رکندا هئا * سمورا صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم نيڪ، پرهيزگار، متقي، بلڪه اهلِ تقويٰ جا امام ۽ پيشوا آهن، ته پوءِ حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللهُ عَنْه کي هي خاص شان ڪيئن نصيب ٿيو؟ جواب ٻڌو! حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللهُ عَنْه کي هڪ خاص سعادت نصيب هئي، هڪ خاص قسم جي خدمت پاڻ سرانجام ڏيندا هئا. سندن لقب آهي: صَاحِبُ النَّعْلَیْنِ وَ الْوِسَادَۃِ يعني وِهاڻو مبارڪ ۽ نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن کڻڻ وارا صحابي.[1]

    پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جڏهن به ڪيڏانهن تشريف وٺي ويندا هئا ته حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللهُ عَنْه محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ وهاڻو کڻي سندن خدمت ۾ حاضر رهندا هئا، جيئن ئي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن جاءِ تي ويهڻ جو ارادو فرمائيندا هئا ته حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللهُ عَنْه اڳتي وڌي ڪري سهڻن سهڻن، پيارن پيارن، عرش جي اکين جي تارن، مقدس ۽ مبارڪ پيرن مان نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن لاهي، پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم  جي خدمتِ اقدس ۾ وهاڻو پيش ڪندا هئا، وري جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم اٿندا هئا يا ڪنهن ٻئي هنڌ تشريف وٺي وڃڻ جو ارادو فرمائيندا هئا ته پاڻ اڳتي وڌي مقدس پيرن ۾ نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن پارائڻ جي سعادت حاصل ڪندا هئا ۽ وهاڻو پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيندا هئا.

    سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ ئي اُها خدمت آهي، جنهن جي برڪت سان حضرت عبدالله بن مسعود رَضِيَ اللهُ عَنْه کي اِهو شان عطا ٿيو، جيڪو ڪنهن ٻئي کي عطا نه ٿيو. علامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ لکن ٿا:

    اِنِّی خَدَمْتُ مِثَالَ نَعْلِ المُصْطَفٰے                                                         لِاَعِیْشَ فِی الدَّارَیْنِ تَحْتَ ظِلَالِہَا

    سَعِدَ اِبْنُ مَسْعُوْدٍ بِخِدْمَۃِ نَعْلِہٖ                                                       وَ اَنَا السَّعِیْدُ بِخِدْمَتِیْ لِمِثَالِہَا([2])


     

     



    [1] مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، جلد:4، صفحہ:376، حدیث:5434۔

    [2]...سعادۃ الدارین، صفحہ:454۔

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نيتون
    • قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾ نعلِ پاڪ جون فضيلتون
    • حضرت عبدالله بن مسعود جو ذِڪرِ خير
    • نعلين شريف جي سلائي ڪرڻ وارا
    • مولا! هِن کي خوشيون نصيب فرماءِ
    • الله جي رِضا حاصل ڪرڻ جو نسخو
    • انبياءِ ڪِرام عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ نعلِ پاڪ جو ادب
    • نقشِ نعلِ پاڪ جون برڪتون
    • لاعلاج مرض کان شِفا ملي وئي
    • جهاز بچي ويو
    • انبياءِ ڪِرام جا نعلين سڪون جو باعث هوندا آهن
    • 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال
    • روزانو جائزو وٺڻ جو انعام
    • اوقاتِ نماز(Prayer Times) ايپلي ڪيشن جو تعارف
    • ڪجهه ضروري اعلانات
    • ٽيلِي ٿون جي ترغيب
    • اجتماعِ ميلاد و جلوسِ ميلاد ۾ شرڪت جي ترغيب
    • حُسنِ اخلاق سُنَّتِ مصطفي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم آهي
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami