Share this link via
Personality Websites!
475334
9336
ڏسي، ان جي روشني ڏسي گمان ٿيندو آهي ته ڄڻ محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي نعلِ پاڪ چمڪي رهي هجي.
قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾ نعلِ پاڪ جون فضيلتون
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن جي عزت ۽ عظمت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳايو جو الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ مٽيءَ جي انهن ذرڙن جو قسم ارشاد فرمايو آهي، جيڪي راهه ويندي نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن سان لڳندا هئا. جي ها! ارشاد ٿئي ٿو:
لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱) وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۲) (پارو: 30، سورة بلد: 2-1)
ترجموڪنزالعرفان: مون کي هن شهر جو قسم. جو اي محبوب! اوهان هن شهر ۾ تشريف فرما آهيو.
يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي پاڪ شهر جو قسم ....!!
هي قسم ڇو کنيو ويو؟ مڪي پاڪ کي اِهو شان ڇو مليو جو الله پاڪ هِن شهر جو قسم ذڪر فرمايو؟ * هتي ڪعبو آهي * هتي صفا ۽ مروه آهن * هتي مِنيٰ آهي * هتي حطيم آهي * هتي مقامِ ابراهيم آهي. ڇا انهن جي ڪري هي شرف مليو؟ نه ...! نه ...!! فرمايو ويو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! اسان کي هِن شهر جو قسم...!! ان ڪري ته هِن شهر جي گهٽين ۾ توهان گهمندا آهيو، هِن شهر جي مٽيءَ توهان جي نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن جون چُميون ورتيون آهن.
یاد فرما کر قسم حق نے زمینِ پاک کی خاکِ نعلِ مصطفےٰ کو تاجِ شاہاں کر دیا([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami