Share this link via
Personality Websites!
475333
9336
نَعْلَیْن ٻنهي پيرن جون جُتِيون
ته اڄ اسان پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي مقدس نَعْلَیْن جو ذڪر ڪنداسين. سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شانِ نَعْلَیْنِ مصطفيٰ آهي! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ لکن ٿا:
تمہارے ذرّے کے پَرْتَو سِتَار ہائے فَلَک تمہارے نَعْل کی ناقِص مِثَل ضیائے فَلَک[1]
وضاحت: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جي عشق جو مقام ڏسو! پرتَو جي معنيٰ آهي: عڪس. اسان آئيني جي سامهون ڪا شيءِ آڻيون ته ان شيءِ جو عڪس آئيني ۾ نظر ايندو آهي، توهان به ڄاڻو ٿا ته آئيني جي اندر جيڪو ڪجهه نظر ايندو آهي، اهو اصل شيءِ نه هوندو آهي، اصل شيءِ اسان جي هٿ ۾ هوندي آهي. اسان پنهنجي هٿ ۾ جهليل شيءِ هٽائينداسين ته آئيني مان عڪس به هٽي ويندو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: هي جيڪي آسمان ۾ ستارا نظر ايندا آهن، رات جو خوب چمڪندا آهن ۽ اونداهي رات کي حسين بڻائي ڇڏيندا آهن، عشق جي انداز ۾ چئي رهيا آهن: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! هي آسمان ڄڻ هڪ آئينو آهي ۽ توهان جي مقدس پيرن سان لڳي جيڪي ذرڙا ڪِرندا آهن، آسمان ۾ انهن ذرڙن جو جيڪو عڪس ٺهندو آهي، اهو ستارن جي صورت ۾ نظر ايندو آهي.
۽ ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه چيائون:
تمہارے نعل کی ناقص مثل ضیائے فلک
وضاحت: ضياءِ فَلَڪ مان هتي مراد سج (Sun) آهي. يعني يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! توهان جهڙو ٿيڻ ته تمام گهڻو پري جي ڳالهه آهي، توهان جي نعلِ پاڪ جي به مڪمل ۽ ڪامل مثل ڪائنات جي وسعتن ۾ ڪا شيءِ نه ٿِي ٿي سگهي. ها! نعلِ پاڪ جو هڪ ناقص مثل هي چمڪندڙ ۽ روشن سج آهي، هي سڄي دنيا کي روشني ورهائڻ وارو سج توهان جي نعلِ پاڪ جو مقابلو ته ڪري ئي نه ٿو سگهي، ها! ان جي چمڪ دمڪ ڏسي، ان جو نور
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami