Share this link via
Personality Websites!
475356
9336
جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
حُسنِ اخلاق سُنَّتِ مصطفي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم آهي
مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جا 2 فرمان: (1): ايمان ۾ وڌيڪ ڪامل اُهي آهن، جن جا اخلاق سٺا آهن. ([2]) (2): حُسنِ اخلاق کان وڌيڪ بهتر مسلمان کي ٻي ڪا شيءِ نه ڏني وئي آهي. ([3])
اي عاشقانِ رسول! حُسنِ اخلاق سنتِ مصطفيٰ آهي * حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم هر هڪ سان خوش اخلاقي ۽ ملنساريءَ وارو ورتاءُ فرمائيندا هئا * نه ڪڏهن دڙڪو ڏيندا هئا، نه ئي ڇڙٻ ڏيندا هئا * صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم کي ڏسي مسڪرائيندا هئا، انهن سان ۽ انهن جي ٻارن سان خوش طبعي فرمائيندا هئا ۽ ٻارن کي پنهنجي مبارڪ هنج ۾ ويهاريندا هئا * مريضن جي عيادت فرمائيندا هئا * مجلس ۾ ڪڏهن به پير ڊگهيڙي نه ويهندا هئا * سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا * سڀني کي سٺن نالن سان سڏيندا هئا * ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾ نه ڪٽيندا هئا.
الله پاڪ اسان کي به اخلاقِ مصطفيٰ اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
بنا دو صبر و رضا کا پیکر بنوں خوش اخلاق ایسا سرور
رہے سدا نرم ہی طبیعت نبیِّ رحمت شفیعِ اُمّت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami