Share this link via
Personality Websites!
475351
9336
آخرت نصيب ٿيندو. اچو ته ترغيب خاطر هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.
هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اَلحمدُ لِلّٰه! مون کي نيڪ اعمال سان پيار آهي ۽ ان جي ذريعي روزانو پنهنجو جائزو وٺڻ منهنجو معمول آهي. هڪ ڀيري مان دعوتِ اسلامي جي قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ صوبي بلوچستان (پاڪستان) جي سفر تي هئس ته انهيءَ دوران مون گنهگار تي ڪرم ٿي ويو. ٿيو ائين جو رات جو جڏهن مان سمهيس ته منهنجي قسمت جاڳي پئي، پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم منهنجي خواب ۾ تشريف کڻي آيا. اڃان مان سندن جلوَن ۾ ئي گُم هئس ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪي قافلي ۾ روزانو نيڪ اعمال جي رسالي ذريعي پنهنجو جائزو وٺندا آهن، مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي ويندس.
شکریہ کیوں کر ادا ہو آپ کا یا مصطفیٰ
کہ پڑوسی خُلد میں اپنا بنایا شکریہ
صَلُّوا عَلَى الْحَبِيب! صَلَّى اللهُ عَلٰى مُحَمَّد
اوقاتِ نماز(Prayer Times) ايپلي ڪيشن جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جديد ذريعن سان به قرآن ۽ سنت جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن،اوقاتِ نماز (Prayer Times) جي نالي سان جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به علائقي جي نماز جا وقت ۽ قبلي جو طرف معلوم ڪري سگهجي ٿو * جماعت جي وقت موبائل کي پاڻمرادو خاموش (Auto Silent) ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي * ان کان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami