Share this link via
Personality Websites!
475348
9336
جي اندر سلائي ڪرائي ڇڏيون * نه ته کيسي ۾ ادب سان رکون * گهر ۾ لٽڪايون * ڀتين تي لڳايون * مشورو آهي ته گهر جي هر هڪ فرد کي الڳ الڳ نقشِ پاڪ ڏئي ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آفتن ۽ بلائن کان حفاظت رهندي.
انبياءِ ڪِرام جا نعلين سڪون جو باعث هوندا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآن مجيد ۾، ٻئي سيپاري جي آخر ۾ تابوتِ سڪينه جو ذڪر فرمايو آهي. ٿيو ائين ته حضرت طالوت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ کي بني اسرائيل جو بادشاهه مقرر ڪيو ويو. بني اسرائيل هن فيصلي جي مخالفت ڪئي ته طالوت ته غريب آهي، هي بادشاهه ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ان تي ان وقت جي نبي حضرت شموئيل عَلَيْهِ السَّلَام الله پاڪ جي حڪم سان فرمايو:
اِنَّ اٰیَةَ مُلْكِهٖۤ اَنْ یَّاْتِیَكُمُ التَّابُوْتُ فِیْهِ سَكِیْنَةٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ (پارو: 2، سورة بقرة: 248)
ترجموڪنزالعرفان: ان جي بادشاهي جي نشاني هي آهي جو توهان وٽ اهو تابوت اچي ويندو جنهن ۾ توهان جي رب جي طرف کان دلين جو سڪون آهي.
هتي تابوت جي اندر موجود شين کي الله پاڪ سڪينه فرمايو. ان صندوق ۾ ڇا هو؟ اهو به قرآن ڪريم کان ئي پڇي وٺو. ارشاد ٿئي ٿو:
وَ بَقِیَّةٌ مِّمَّا تَرَكَ اٰلُ مُوْسٰى وَ اٰلُ هٰرُوْنَ (پارو: 2، سورة بقرة: 248)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ معزز موسٰي ۽ معزز هارون جي ڇڏيل شين جو بچيل آهي
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: ان تابوت ۾ توريت شريف جي تختين جا ٽڪرا، حضرت موسى عَلَيْهِ السَّلَام جا ڪپڙا، سندن نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن (يعني مبارڪ جُتِيون)، حضرت هارون عَلَيْهِ السَّلَام جو عمامو ۽ سندن مبارڪ لٺ هئي. بني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami