Share this link via
Personality Websites!
475346
9336
کي هڪ قابلِ اعتبار شخص پنهنجو واقعو ٻڌايو ته هڪ ڀيري مون کي هڪ سخت بيماري ٿي پئي، جنهن جي ڪري قريب هو ته مان مري وڃان ها. الله پاڪ مون کي الهام فرمايو: يعني منهنجي دل ۾ خيال پيدا ڪيو ته مان نقشِ نَعْلَیْن مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان دعا ڪريان، تنهنڪري مون ائين ئي ڪيو ته الله پاڪ مون کي شفا عطا فرمائي * اهڙي طرح هڪ ٻي حڪايت نقل ڪن ٿا ته مون کي ڪجهه قابلِ اعتماد دوستن ٻڌايو ته هنن ڪيترائي ڀيرا اهڙن ملڪن جو سفر ڪيو، جن جي رستن تي هر وقت چورن ۽ ڌاڙيلن جو خوف رهندو هو ۽ عام طور ڪو به مسافر انهن جي ڦرلٽ کان بچي نه سگهندو هو، پر جيئن ته انهن وٽ نقشِ نَعْلَیْن موجود هوندو هو، تنهنڪري ان جي برڪت سان ڪيترائي ڀيرا چورن ۽ ڌاڙيلن سان سامهون ٿيڻ جي باوجود الله پاڪ کين انهن جي شر کان محفوظ رکيو.[1]
علامه تِلمِسَاني لکن ٿا: شيخ عبد الخالق مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن. فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي هڪ ڦُرڙِي نڪتي. خبر ناهي ڪهڙي قسم جي ڦُرڙِي هئي، ٺيڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، پر ڪنهن کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا آهي؟ جڏهن سمجهه ۾ ئي نه اچي رهيو هو ته علاج به نه ٿي رهيو هو. مان تمام گهڻي تڪليف ۾ هئس. هڪ ڏينهن اوچتو مون کي نقشِ نعلِ پاڪ جون برڪتون ياد اچي ويون، تنهنڪري مان نقشِ نعلِ پاڪ پنهنجي زخم تي رکيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪئي: اي الله پاڪ! جنهن محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي نعلِ پاڪ جو هي نقش آهي، انهن جي صدقي مون کي شِفا عطا فرماءِ. اَلحمدُ لِلّٰه! نقشِ نعلِ پاڪ جي برڪت سان ان لاعلاج ڦُرڙِيءَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami