Share this link via
Personality Websites!
475345
9336
ئي آهي. پوءِ هُن پنهنجو واقعو ٻڌائيندي چيو: ”مان هڪ ڀيري ڪيڏانهن وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ پاڻي بيٺو هو، جنهن ۾ منهنجي سڄي ڪار ٻڏي وئي، ايتري تائين جو بلڪل پاڻيءَ ۾ غائب ٿي وئي. منهنجي کيسي ۾ نعلِ پاڪ جو ڪارڊ هو، جنهن جي برڪت سان اَلحمدُ لِلّٰه! منهنجي ڪار ٻيهر مٿي اچي وئي ۽ مان ٻاهر نڪري ويس“. اُن شخص کي نعلِ پاڪ تي ايترو اعتماد ان ڪري هو جو نعلِ پاڪ کي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت حاصل آهي ۽ ڳالهه به سڄي نسبت جي ئي آهي. ڏسو! جڏهن پوليس وارو بچائي سگهي ٿو، هٿيار بچائي سگهي ٿو، ته نعلِ پاڪ جو نقش الله پاڪ جي عطا سان ڇو نه ٿو بچائي سگهي؟ ياد رهي ته حقيقت ۾ بچائڻ وارو الله پاڪ آهي، باقي سڀ اسباب هوندا آهن. جهڙي طرح ڊاڪٽر (Doctor) به علاج ڪري دوا جي ذريعي بچائيندو آهي، اهڙي طرح دنيا عالمِ اسباب آهي. روايتن ۾ اهو به آهي ته هر شخص تي بچائڻ وارا مُحَافِظِیْن (Guards) فرشتا مقرر هوندا آهن، جيڪي اکين ۽ سڄي وجود جي حفاظت ڪندا آهن ۽ اهي ڏينهن رات تبديل ٿيندا رهندا آهن. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو ڪِرندي ڪِرندي سنڀلجي ويندو آهي، يا تيز رفتار گاڏي ايندي آهي ۽ اوچتو ڪو اهڙو ڪرشمو ظاهر ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو اتان هٽي ويندو آهي ۽ بچي ويندو آهي. حقيقت ۾ ان جي حفاظت ڪرڻ وارا فرشتا هوندا آهن، جيڪي ان جي حفاظت ڪري رهيا هوندا آهن ۽ اِهو سڀ ڪجهه الله پاڪ جي عطا سان ئي ٿيندو آهي. نعلِ پاڪ جو نقش به الله پاڪ جي عطا سان حفاظت جو سبب بڻجندو آهي، تنهنڪري ان بابت وسوسن ۾ پَوَڻ جي ضرورت نه آهي.[1]
* حضرت علامه امام احمد تِلمِسَاني (Tilmisani) رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami