Share this link via
Personality Websites!
475344
9336
سب سے اولیٰ و اعلیٰ ہمارا نبی سب سے بالا و والا ہمارا نبی
خَلق سے اولیا، اولیا سے رُسُل اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی
ملکِ کونین میں انبیا تاجدار تاجداروں کا آقا ہمارا نبی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري نبي، سٺي نبي، سچي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن جو ته ڇا شان هوندو، پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي نعلِ شريف جو مبارڪ نقش، جيڪو عام طور تي ملي ويندو آهي، ان جون به اهڙيون اهڙيون برڪتون آهن جو بس ڇا ٻڌايان!
شيخِ طريقت، اميرِ اهلِسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: اَلحمدُ لِلّٰه! مون نعلِ پاڪ جي موضوع تي ڪافي ڪم ڪيو آهي. مون اهڙيون حڪايتون به گڏ ڪيون آهن، جيڪي صديون اڳ وارن بزرگن پنهنجن ڪتابن ۾ لکيون آهن. مثال طور: * هڪ عمارت ڪري پئي، جنهن جي هڪ ڀت تي نعلِ پاڪ جو نقش ٺهيل هو، ته اها ڀت ٽيڙي ٿي بيهي رهي ۽ غالباً ان کي ڪو نقصان نه پهتو، جڏهن ته شايد باقي ڀتيون ڪِري پيون هيون [2]* اهڙي طرح 20 يا 25 سال پراڻي ڳالهه آهي ته مان هڪ ڀيري هوائي جهاز (Aeroplane) ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو هئس ته هڪ ماڊرن (Modern) شخص منهنجي ڀرسان ويٺو هو. مون هن کي سلام ڪري تعلق قائم ڪيو ته جيئن کيس سمجهائي سگهان. مون کيس دعوتِ اسلامي بابت ٻڌايو ته هن مون کي نعلِ پاڪ جو ڪارڊ ڏيکاريندي چيو: توهان وٽ به اهو ئي هوندو آهي ۽ مون وٽ به اهو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami