Share this link via
Personality Websites!
475341
9336
جوش ۾ آيو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: پٽ! تون ڪير آهين؟ عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! انصارن مان آهيان. فرمايائون: نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن جي اهڙي خدمت ڪرڻ لاءِ توکي ڪنهن چيو آهي؟ عرض ڪيائين: مون کي ڪنهن به ناهي چيو، بس دل ۾ محبت جاڳي ته اهڙي طرح خدمت ڪري اوهان کي خوشي پهچايان، تنهنڪري خوشي پهچائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. اِهو ٻڌي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم دعا جي لاءِ هٿ بلند ڪيا ۽ دعا ڪيائون: اي الله پاڪ! هن ٻار مون کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اي الله پاڪ! هن کي دنيا ۽ آخرت جون خوشيون عطا فرماء“.[1]
جو سر پہ رکھنے کو مل جائے نعلِ پاکِ حضور تو پِھر کہیں گے کہ ہاں تاجدار ہم بھی ہیں([2])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! نَعْلَیْن مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو به ڪيڏو نه نرالو شان آهي، جو جيڪو ڪجهه ڏينهن لاءِ ئي سهي انهن جي خدمت جي سعادت حاصل ڪري وٺندو آهي، اهو ٻنهي جهانن جون خوشيون حاصل ڪري وٺندو آهي.
حضرت انس بن مالڪ رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم سان گڏ تشريف فرما هئا. جڏهن محفلِ شريف برخاست ٿي، يعني پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم اٿڻ جو ارادو فرمايو ته هڪ ننڍڙي عمر وارا صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْه فوراً اڳتي وڌيا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جا نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن کنيائون ۽ سندن خدمت ۾ پيش ڪيائون! ڪرم جو درياءُ جوش ۾ آيو، فرمايائون: تون الله پاڪ جي رضا چاهِي، الله پاڪ توکان راضي ٿي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami