Share this link via
Personality Websites!
475339
9336
خير! نور جي محفل سجيل هئي، ايندڙ وقتن بابت ڳالهه شروع ٿي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيئن قرآن ڪريم جي نازل ٿيڻ جي حوالي سان (يعني ماڻهن کي اهو مڃائڻ لاءِ ته قرآن واقعي الله پاڪ جو ڪلام آهي) مون کي جنگيون ڪرڻيون پيون، تمام گهڻي ڪوشش ۽ محنت ڪرڻي پئي، ائين ئي هڪ وقت ايندو، هڪ شخص قرآن ڪريم جي تفسير، تشريح ۽ ان جي صحيح معنائن جي حوالي سان جنگيون ڪندو.
اُن محفل ۾ حضرت ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنْه به حاضر هئا. پاڻ اُٿي بيٺا ۽ عرض ڪيائون: اَنَا هُوَ يَا رَسُولَ الله؟ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اهو شخص مان آهيان؟ فرمايائون: نه. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنْه اُٿيا ۽ عرض ڪيائون: ڇا اهو مان آهيان؟ فرمايائون: نه، تون به نه آهين. پر
وَلٰكِنْ خَاصِفُ النَّعْلِ
ترجمو: هي اُهو شخص آهي، جيڪو هن وقت منهنجي نَعْلَیْنِ شَرِیْفَیْن کي سِبي رهيو آهي.
حضرت ابو سعيد خدري رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ حضرت علي رَضِيَ اللهُ عَنْه کي پنهنجا نعلين شريف ڏنا هئا ۽ ان وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان کي ڪري سبي رهيا هئا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته حضرت مولا علي رَضِيَ اللهُ عَنْه، جن جو شان انتهائي بلند آهي * اُهي علي، جيڪي شيرِ خدا آهن * اهي علي، جيڪي شهرِ علم جو دروازو آهن * اهي علي، جيڪي ولايت جا بادشاهه آهن * اهي علي، جيڪي فاتحِ خيبر به آهن * شيرِ مرحب شِڪن به آهن * اهي علي، جن جي محبت ايمان جي نشاني آهي * اهي علي، جن کي ڏسڻ عبادت آهي * اهي علي، جيڪي پاڻ جنتي آهن ۽ جن جا شهزادا جنتي نوجوانن جا سردار آهن، اهي مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِيَ اللهُ عَنْه به
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami