Share this link via
Personality Websites!
475330
9336
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر بن خطاب رَضِيَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: چمڪندڙ رات ۽ روشن ڏينهن ۾ مون تي درود موڪليو، بيشڪ توهان جو درود مون وٽ پيش ڪيو ويندو آهي، مان توهان جي لاءِ دعا گهرندو آهيان ۽ استغفار ڪندو آهيان. ([1])
وضاحت: چمڪندڙ رات مان مراد جمعي جي رات (يعني اڄوڪي رات) ۽ روشن ڏينهن مان مراد جمعي جو مبارڪ ڏينهن آهي.([2])
آنکھوں سے کِیا دَرْیا جارِی اور لب پہ دُعا پیاری پیاری
رَو رَو کے گزاری شب ساری، اے حامئ اُمّت کیا کہنا...!!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه پياري فضيلت آهي! پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ اسان گنهگارن لاءِ دعائون به فرمائي رهيا آهن، استغفار به فرمائي رهيا آهن. دعاءِ مصطفيٰ جو ته ماشَآءَ اللہ! شان ئي اهڙو آهي جو بس هٿ کڄڻ جي دير هوندي آهي، سڀ بگڙيل ڪم سنورجي ويندا آهن. مولانا حسن رضا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami