Share this link via
Personality Websites!
475073
9323
مِٹ گئے، مِٹتے ہیں، مِٹ جائیں گے اَعْدا تیرے
نہ مِٹا ہے نہ مِٹے گا کبھی چرچا تیرا([1])
۽ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ هڪ جاءِ تي لکن ٿا:
وہی دُھوم اُن کی ہے مَا شَآءَ اللہ! مِٹ گئے آپ مِٹانے والے([2])
بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، جيڪو اسلام ۽ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان (اَسْتَغْفِرُ الله!) نفرت ڪندو هو. هڪ ڏينهن هن تورات شريف کولي، ان جي تلاوت ڪرڻ لڳو، ڇا ٿو ڏسي ته
تورات شريف ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو نالو 4 جڳهن تي "محمد" لکيل آهي. کيس ان پياري نالي سان نفرت هئي، تورات شريف ۾ هي نالو ڏسي سڙي ويو، فوراً ئي هن اهو نالو اتان کُرڙي (مٽائي) ڇڏيو. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻيهر تورات شريف پڙهڻ ويٺو ته ڇا ٿو ڏسي، هاڻي 4 جي بدران 8 جڳهن تي "محمد" نالو لکيل آهي. (ڏاڍو حيران ٿيو، گهر وارن کان پڇيائين، پنهنجن ٻارن کي دڙڪا ڏنائين ته توهان لکيو هوندو، سڀني چيو: اسان ته ناهي لکيو.) خير! هن ٻيهر نالي مبارڪ کي کرڙي مٽائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ڇا ٿو ڏسي ته 8 جي بدران 12 جڳهن تي نالو مبارڪ لکيل آهي. هاڻي ته هن جي دل کي چوٽ لڳي، جڏهن هن ڏٺو ته مان ڪيڏو بہ مٽايان، هي نالو مٽجي نٿو، پر ويتر وڌي وڃي ٿو، ته هن جي دل ۾ نور جاڳي پيو ۽ هن ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami