Share this link via
Personality Websites!
475070
9323
(صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) يعني هن جڳهه تي حق مان حضور جانِ ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعتِ پاڪ مراد آهي. ([1]) ڪهڙي نعت؟ جيڪا تورات شريف ۾ بيان ٿي هئي. تنهنڪري بني اسرائيل کي حڪم ڏنو ويو ته اي تورات تي ايمان رکڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارؤ! * اسان تورات شريف ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نعتون * سندن وصف * سندن فضائل ۽ ڪمالات * پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري چهري جو ذڪر * پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري ادائن جو ذڪر * پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري مهرِ نبوت جو ذڪر * سندن چال مبارڪ جو ذڪر * سندن اندازِ گفتگو جو ذڪر * سندن شهر جو ذڪر * سندن ولادت جو ذڪر * سندن هجرت جو ذڪر * سندن دنيا ۾ اچڻ جو ذڪر * سندن دنيا مان ظاهري پردو فرمائڻ جو ذڪر، مطلب ته پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعتن ۽ وصفن کي کولي کولي بيان ڪري ڇڏيو آهي. اي اهلِ تورات! هاڻي توهان تي لازم آهي ته توهان اسان جي محبوب جي نعتن ۾ نه پنهنجي طرفان ملاوٽ ڪريو ۽ نه ئي اسان جي محبوب جي واکاڻ لڪايو! بلڪه جيترو ٿي سگهي اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصفن جي پرچار ڪريو...!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته؛ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جي نعتن، پاڻ سڳورن جي وصفن ۽ ڪمالن جي پرچار ڪرڻ ربِ ڪريم کي پسند آهي. ان مان اندازو لڳايو! ته اهي ماڻهو ڪيترا خوش نصيب (Lucky) آهن جيڪي اوصافِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خوب پرچار ڪن ٿا * نعتون پڙهن ٿا * ميلاد ملهائي * ذڪرِ مصطفيٰ جون محفلون سجائي * جهنڊا کڻي * جلوسن ۾ شرڪت فرمائي جهومي جهومي پاڻ سڳورن جي آمد جي پرچار ڪن ٿا ۽ ذڪرِ مصطفيٰ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن ٿا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami