Share this link via
Personality Websites!
475069
9323
ڇا تورات جي مطابق محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچا رسول آهن؟ ان موقعي تي بني اسرائيل ٻن قسمن جي هيرا ڦيري ڪندا هئا: (1): هڪ هي ته جيڪي وصفَ ۽ ڪمالَ پياري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا هئا، انهن ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه ڳالهيون لکي ڇڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڏسو! تورات ۾ ته هي نشانيون آهن، محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ اهي نه آهن. اهڙي طرح هو حق ۽ باطل کي ملائي (Mix Up) ڇڏيندا هئا. (2): ٻي هيرا ڦيري اها ڪندا هئا ته پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه وصفن کي ماڳاهين لڪائي ڇڏيندا هئا، ماڻهن کي ٻڌائيندا ئي نه هئا. ان تي الله پاڪ کين تنبيهه فرمائي. ([1]) پاره 4، سورة آلِ عمران، آيت 187 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَ اِذْ اَخَذَ اللّٰهُ مِیْثَاقَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ لَتُبَیِّنُنَّهٗ لِلنَّاسِ وَ لَا تَكْتُمُوْنَهٗ٘-
تَرجمو ڪنزُالايمان: ۽ ياد ڪريو جڏهن الله انهن ماڻهن کان عهد ورتو جن کي ڪتاب ڏنو ويو ته توهان ضرور هن ڪتاب کي ماڻهن سان بيان ڪجو ۽ هن کي لڪائجو نه.
(پاره:4، آل عمران:187)
يعني اي بني اسرائيل! توهان کان ته واعدو ورتو ويو هو ته توهان الله پاڪ جو نازل ڪيل ڪتاب نه لڪائيندؤ بلڪه کولي ماڻهن جي سامهون بيان ڪندؤ، پر هاڻي توهان ان کي لڪائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تنهنڪري:
وَ لَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۴۲) (پارہ:1، البقرۃ:42)
تَرجمو ڪنزُالايمان: ۽ حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.
آيت سڳوري ۾ ٻه ڀيرا لفظِ حق استعمال ٿيو آهي، هن جڳهه تي حق مان ڇا مراد آهي؟ ان جي وضاحت ڪندي مفسر سڳورا فرمائن ٿا: نَعْتُ مُحَمَّدٍ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami