Share this link via
Personality Websites!
475068
9323
ہم نہ کیوں روشن کریں گھر گھر دِیے مِیلاد کے خُود کرے جب حق چَراغاں عیدِ میلادُ النَّبی([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آيتِ سڳوري جي مختصر وضاحت پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو 1، سورة البقره جي آيت 42 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ سڳوري ۾ بني اسرائيل کي ٻن ڪمن کان روڪيو ويو آهي. اهي ٻه ڪم ڪهڙا آهن؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ(پاره:1، البقرۃ:42)
تَرجمو ڪنزُالايمان: ۽ حق کي باطل سان نه ملايو. يعني هڪ آهي حق ڳالهه ۽ ٻي آهي باطل ڳالهه، انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاوٽ نه ڪندا ڪريو!
وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۴۲)(پاره:1، البقرۃ:42)
تَرجمو ڪنزُالايمان: ۽ ڄاڻي واڻي حق نه کي لڪايو. هي ٻيو حڪم آهي: يعني اي بني اسرائيل! حق کي ڄاڻندي لڪايو به نه! بلڪه حق جو هميشه پرچار ڪندا رهو!
اصل ۾ معاملو هي هو ته پهرين وڏي آسماني ڪتاب يعني تورات شريف ۾ ربِ ڪائنات پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصفن، ڪمالن ۽ نشانين کي کولي بيان فرمايو هو. هاڻي ٿئي ائين ها ته بني اسرائيل کان جڏهن ماڻهو پڇندا هئا ته توهان ته اهلِ ڪتاب آهيو، ٻڌايو ڇا تورات شريف ۾ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نشانيون موجود آهن؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami