Share this link via
Personality Websites!
475085
9323
پنهنجو درودِ پاڪ وارو نيڪ عمل مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اڄ ئي هن منفرد ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ ڊائون لوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.
بيان کي پڄاڻي ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: نعت شريف ميوزڪ سان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ناجائز ۽ گناهه آهي.
وضاحت: پيارا اسلامي ڀائرو! نعت شريف پڙهڻ به سعادت آهي، ان کي ٻڌڻ به سعادت آهي پر هاڻي عجيب حالتون پيدا ٿي ويون آهن، ماڻهو نعتِ پاڪ کي به ميوزڪ سان پڙهڻ لڳا آهن، نعت خوان نعت پڙهي رهيو هوندو آهي ۽ پٺيان هلڪو هلڪو ميوزڪ هلي رهيو هوندو آهي. ياد رکو! موسيقي ناجائز ۽ گناهه آهي. بخاري شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي ته حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عنقريب منهنجي امت ۾ ڪجهه قومون اهڙيون هونديون، جيڪي زنا، ريشمي ڪپڙن ۽ باجن (سازن) کي حلال قرار ڏينديون. ([1]) هڪ روايت ۾ فرمايو: منهنجي رب مون کي مزامير (يعني موسيقي جا آلات) ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو. ([2]) اَللہُ اڪبر! آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن شين کي ٽوڙڻ لاءِ تشريف کڻي آيا، غور فرمايو! انهن جو ئي شان بيان ڪرڻ ۾ اهڙن آلات جو استعمال ڪرڻ ڪيڏي نه وڏي بي ادبي آهي. تنهنڪري موسيقي واري نعت پڙهڻ به جائز ناهي ۽ ان کي ٻڌڻ به ناجائز ۽ گناهه آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَۃُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مزامير (يعني گاني وڄائڻ جا آلات) حرام آهن. ([3]) الله پاڪ اسان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami