Share this link via
Personality Websites!
475083
9323
واہ کیا مرتبہ ہوا تیرا تُو خُدا کا خُدا ہوا تیرا
اور میں کیا لکھوں خُدا کی حمد حمد اسے وہ خُدا ہوا تیرا
جو ترا ہو گیا خُدا کا ہوا جو خُدا کا ہوا، ہُوا تیرا
اهڙي طرح نعتِ مصطفيٰ هدايت جو ذريعو آهي جو ان جي برڪت سان * دل ۾ نورِ ايمان وڌندو آهي * دل روشن ٿيندي آهي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو آهي * محبتِ الاهي وڌندي آهي ۽ * هدايتون نصيب ٿينديون آهن.
تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان ڪثرت سان محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ خير ڪيون، ميلاد به ملهايون. ميلاد جو اصل ته ذڪرِ مصطفيٰ آهي، ذڪرِ آمدِ مصطفيٰ آهي. پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، اسان کي هدايت نصيب ٿي وئي، ان نعمت جي شڪراني جو نالو "ميلاد" آهي. ان سان گڏوگڏ * جهنڊيون لڳائڻ * لائٽنگ ڪرڻ * پرچم لڳائڻ * گهرن، گهٽين ۽ بازارن کي سجائڻ، هي سڀ ڪجهه خوشي جي اظهار لاءِ آهي. جڏهن گهر ۾ ڪنهن جي شادي هجي ته گهر کي سجايو ويندو آهي، ڪهڙي سبب؟ گهر ۾ شادي ٿي رهي آهي، ٻاهر گلي واري ڀت تي لائٽنگ ڪئي ويندي آهي، جنهن جي نه ته روشني گهر جي اندر اچي رهي آهي، نه ئي اها سجاوٽ گهر جي اندر کان نظر اچي رهي آهي، پوءِ اها لائٽنگ ڇو ڪئي ويندي آهي؟ خوشي جي اظهار لاءِ ڪئي ويندي آهي، هي ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي ته اسان جي پٽ جي شادي آهي.
بس! ميلاد ۾ به هي سڀ ڪجهه خوشي جي اظهار لاءِ آهي. ميلاد جو اصل ته ذڪرِ مصطفيٰ آهي ۽ اسان قرآنِ ڪريم جي روشني ۾ ٻڌي چڪا آهيون ته ذڪرِ مصطفيٰ کي لڪائڻ ۽ ڪمالاتِ مصطفيٰ جي بيان کان روڪڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami