Share this link via
Personality Websites!
475079
9323
هجي، ان جا فائدا نصيب ٿيندا آهن. ان ڪري اسان کي گهرجي ته * ذڪرِ مصطفيٰ ڪيون * اوصافِ مصطفيٰ جي پرچار ڪيون * ڪمالاتِ مصطفيٰ جي پرچار ڪيون * پياري آقا جي پياري پياري ادائن جي پرچار ڪيون * سيرتِ مصطفيٰ جي پرچار ڪيون، إِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان دل ۾ عشقِ رسول به وڌندو، محبتِ الاهي ۾ به اضافو ٿيندو، رب چاهيو ته دنيا به بهتر ٿي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
محمدِ مصطفيٰ! سڀني کان آخري نبي
پيارا اسلامي ڀائرو! 7 سيپٽمبر تي اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ "يومِ ختمِ نبوت" ملهايو ويندو آهي. اَلْحَمدُ للہ! هي هن پاڪ وطن جو خاص اعزاز آهي ته پوري دنيا ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي ختمِ نبوت جي عقيدي جو تحفظ آئين جو حصو آهي.
اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن، پاڻ کان پوءِ قيامت تائين ڪو به نئون نبي پيدا نه ٿيندو، هي عقيدو قطعي (يعني %112 فيصد يقيني) آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: " لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ " تي ايمان آڻڻ جيتري قدر ضروري آهي، خَاتَمُ النَّبِیّٖن تي ايمان آڻڻ به اوتري قدر ئي ضروري آهي. ([1]) گذريل آسماني ڪتابن ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون جيڪي نعتون بيان ٿيون، انهن مان هڪ اها به آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کان آخري نبي آهن.
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته آخري نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جڏهن موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام تي تورات نازل ٿي ته پاڻ ان جي تلاوت فرمائي، ان ۾ هن (آخري) امت جو ذڪر پڙهيائون ته عرض ڪيائون: "اي الله پاڪ! مان تورات ۾ اهڙي امت جو ذڪر ڏسان ٿو جيڪا (زماني جي اعتبار سان) سڀني کان آخري ۽ قيامت جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami