Share this link via
Personality Websites!
تعبير به توهان کي ٻڌائڻي آهي. پاڻ فرمايائون: ها! ها! خواب به مان ئي ٻڌائيندس. بادشاهه چيو: ته پوءِ ٺيڪ آهي. ڀلا ٻڌايو ته مون ڪهڙو خواب ڏٺو آهي؟
پاڻ فرمايائون: تو هڪ تمام وڏو مجسمو ڏٺو آهي، جنهن جا پير زمين تي ۽ مٿو آسمان تائين پهچي رهيو هو، ان جو مٿيون حصو سون جو، پيٽ چاندي جو، هيٺيون حصو ٽامي جو ۽ پير مٽيءَ جا ٺهيل هئا. پوءِ اوچتو آسمان مان هڪ وڏو پٿر ڪِريو، جنهن ان بُت کي ڀورا ڀورا ڪري بلڪل سَنهَن ذرن ۾ اهڙي طرح پيهي ڇڏيو جيئن واري هوندي آهي.
بادشاهه جڏهن خواب ٻڌو ته حيران ٿيندي اٿي بيهي رهيو، سندس اکيون حيرت وچان ڦاٽي پيون، بادشاهه چيو: توهان خواب ته بلڪل درست ٻڌايو آهي. هاڻي ان جي تعبير به ٻڌايو!
پاڻ فرمايائون: اُن وڏي مجسمي مان مراد بُرا مذهب، ڪفر، شرڪ ۽ ظالم حڪومتون آهن، جيئن ته اِهو تمام وڏو هو، تنهنڪري ان جو مطلب هي آهي ته دنيا ۾ اڃان هڪ عرصي تائين ڪفر و شرڪ ۽ ظالم حڪمران ايندا رهندا. ۽ اُهو جيڪو پٿر آسمان کان ڪِريو، اِهو هِن ڳالهه جي طرف اشارو آهي ته جلد ئي الله پاڪ عرب جي زمين تي هڪ نبي عليه السَّلام کي موڪليندو * انهن جي اچڻ سان ڪفر جي اونداهي ختم ٿي ويندي * ظلم جي رات پڄاڻي تي پهچندي* باطل مٽجي ويندو * حق جو نعرو بلند ٿيندو * اُهي اڻ پڙهيلن کي علم ڏيندا *ڪمزورن کي طاقت بخشيندا ۽ * گهٽ درجي وارن کي عزت جي معراج تي پهچائيندا. [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami