Share this link via
Personality Websites!
اجتماع منعقد ڪيا ويندا. پنهنجي لاڳاپيل يوسي نگران اسلامي ڀائرن کان مقام (جڳهه) ۽ وقت بابت معلومات حاصل ڪريو، پاڻ به انهن اجتماعن ۾ ضرور شريڪ ٿيو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِی الْاَرْضِ وَ جَعَلْنَا لَكُمْ فِیْهَا مَعَایِشَؕ-
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ اسان توهان کي زمين ۾ ٺڪاڻو ڏنو ۽ توهان جي لاءِ اُن ۾ زندگي گذارڻ جا اسباب بڻايا.
اَلْحَمدُ للہ! اللہ پاڪ اسان کي اسلامي احڪامن تي آزاديءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ هي پاڪ ۽ آزاد ملڪ عطا فرمايو، زندگيءَ جون ضرورتون بخشيون ۽ بيشمار نعمتن سان نوازيو، پر افسوس! اسان ان طرح شڪر ادا نٿا ڪري سگهون، جيڪو شڪر ڪرڻ جو حق آهي. ۽ اسان انھن شهيدن کي وساري ويهون ٿا جن هن ملڪ جي آزاديءَ خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هڪ اندازي موجب جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان وقت 30 لک مسلمان شهيد ٿيا هئا.[1]
سڀاڻي 14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن انهن شهيدن جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، تنهنڪري * فاتحه خواني ڪري پنهنجي شهيدن ۽ فوت ٿيلن لاءِ ايصالِ ثواب جو اهتمام ڪريو * جيڪڏهن ٿي سگهي ته آزاديءَ جي شڪراني طور نفل پڙهڻ جو اهتمام ڪريو * فضول ڪمن ۾ رقم خرچ ڪرڻ بدران ملڪِ پاڪستان کي سرسبز بنائڻ لاءِ ٻوٽا لڳائڻ جو اهتمام ڪريو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami