Share this link via
Personality Websites!
اوقاتِ نماز (Prayer Times) ايپلي ڪيشن جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جديد طريقن جي ذريعي به قرآن ۽ سنت جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، هن ڳالهه کي نظر ۾ رکندي دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن اوقاتِ نماز(Prayer Times) جي نالي سان جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي پوري دنيا جي ڪنهن به مقام جي نمازن جا وقت ۽ قِبلي جو رُخ معلوم ڪري سگهجي ٿو * جماعت جي وقت موبائل کي پاڻمرادو خاموش (Auto Silent)ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي * ان کان علاوه قرآن پاڪ عربي متن ۽ ترجمي ۽ تفسير سان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي سهولت به موجود آهي * اذڪار (روحاني علاج) به ڏنا ويا آهن * ڪائونٽر تسبيح جي ذريعي توهان پنهنجا روزاني جا اوراد پڙهي سگهو ٿا * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي توهان ريڊيو مدني چينل (Radio Madani Channel) ٻڌي سگهو ٿا * اذڪارِ نماز کي به تجويد سان شامل ڪيو ويو آهي* عيسوي ۽ اسلامي ڪيلينڊر Calendar)) جي سهولت به موجود آهي * ان کان علاوه توهان هن ايپلي ڪيشن جي ڊيش بورڊ (dashboard) کي 2 ڪلر ٿيم (Two Color Theme) ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا. پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري ڇڏيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر ڇنڇر تي امير اھلسنت دامَت بَرَکاتُہمُ العالِیہ مدني چينل تي لائيو ھفتيوار
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami