Share this link via
Personality Websites!
کي دعوت ڏيو! محلي جي مسجد جي عاشقِ رسول امام صاحب جي خدمت ۾ بيان ڪرڻ لاءِ عرض ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هُو ذڪرِ محبوب جي لاءِ منع نه ڪندا، مختصر تلاوت ٿئي، 1، 2 نعتون پڙهو! امام صاحب 15، 20 منٽن جو بيان ڪن، جيڪڏهن امام صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول مبلغ جي ترڪيب نه به ٿي سگهي تڏهن به ڪا مشڪل نه آهي، شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دامَت بَرَکاتُہمُ العالِیہ جو رسالو آهي: صبحِ بهاران، اهڙي طرح مڪتبةُ المدينه جا ٻيا به ڪيترائي رسالا آهن؛ مثال طور: سياهه فام غلام، خوفناڪ اُٺ، پوڙهو پوڄاري، نُورَ وارو چهرو، نور جو رانديڪو، عاشقِ ميلاد بادشاهه انهن مان ڪو به رسالو يا شانِ مصطفيٰ تي 12 بيانَن وارو مختصر ڪتاب حاصل ڪريو يا جيڪڏهن چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان مفت ڊائونلوڊ (Download) ڪري پاڻ ئي پڙهي ٻڌايو! بيان ٿي ويندو، آخر ۾ پنهنجي وَسَ آهر مٺائي وغيره ورهائي (Distribute) ڇڏيو! جيڪڏهن مٺائي ميسر نه هجي ته به ڪا ڳالهه ناهي، جيڪو به ميسر هجي، اهو ئي ورهايو، ميلاد ملهائڻ لاءِ لنگر يا مٺائي وغيره ورهائڻ ضروري به نه آهن، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پئسو ۽ اهتمام نه بلڪه دل جو اخلاص قبول ٿيندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ جيڪا به توفيق بخشي آهي، شرڪاءِ محفل جي خدمت ۾ پيش ڪريو! ميلاد جي محفل ٿي ويندي، ان جي صدقي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڄو سال گهر ۾ برڪت رهندي.
وہ لوگ خُدا شاہِد قسمت کے سکندر ہیں جو سرورِ عالَم کا میلاد مناتے ہیں
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami