Share this link via
Personality Websites!
ا للهِ عَلَيْہ فرمائن ٿا: محفلِ ميلاد شريف ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ هِن محفل جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي.([1]) * حضرت سَرِي سقطي رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ فرمايو: جيڪو محفلِ ميلاد ۾ وڃڻ جو ارادو ڪندو آهي، اهو اصل ۾ جنت جي باغن ۾ وڃڻ جو ارادو ڪندو آهي، ڇوته محفلِ ميلاد صرف ۽ صرف محبتِ رسول جي سبب ئي سجائي ويندي آهي ۽ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: مَنْ اَحَبَّنِی کَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّۃِ جيڪو مون سان محبت ڪندو آهي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([2])
آئے تاجدارِ رسالت مرحبا! صد مرحبا! آئے جہاں میں جانِ رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صاحبِ عظمت و شان و شوکت مرحبا! صد مرحبا! سب سے بڑی اللہ کی نعمت مرحبا! صد مرحبا!
آمنہ چمکی تیری قسمت مرحبا! صد مرحبا! گود میں آئی ربّ کی رحمت مرحبا! صد مرحبا!
علامه سهيلي رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ لکن ٿا: شيطان 4 دفعا دانهون ڪري رُنو: (1): جڏهن مَلعُون ٿيو(يعني بارگاههِ الٰهي مان ڌِڪاريو ويو) (2): جڏهن زمين تي لاٿو ويو (3): سُوْرَۂِ فَاتِحَة نازل ٿيڻ جي وقت ۽ (4): رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادتِ باسعادت جي وقت. ([3]) حضرت عِڪرمه رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي: رَحْمَةُ لِّلْعَالَمِيْن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادت ٿي ته شيطان چيو: رات هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو اسان جو ڪم بگاڙي ڇڏيندو. سندس چيلن ۽ چمچن کيس صلاح ڏني ته توهان هاڻي ئي وڃو ۽ ان کي نقصان پهچائي ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي ڇڏيو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami