Share this link via
Personality Websites!
فَنَحْنُ فِي الضِّيَاءِ وَفِي النُّورِ وَسُبِلِ الرَّشَادِ نَخْتَرِقُ ([1])
اسان ان ئي نُورَ جي روشنيءَ ۾ هدايت جي رستن تي هلي رهيا آهيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم به تشريف فرما آهن، صحابه ڪرام عليهمُ الرضوان به موجود آهن، هِن نوراني محفل ۾ حضرت عباس رَضِیَ اللہُ عنهما نور واري آقا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو ميلاد پڙهيو. ان کي ئي ته محفلِ ميلاد چئبو آهي. معلوم ٿيو ميلاد ملهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر شروع کان ئي مسلمانن جو طريقو رهيو آهي.
امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ فرمائن ٿا: جنهن گهر، مسجد يا محلي ۾ ميلاد شريف پڙهيو ويندو آهي * فرشتا ان گهر، مسجد ۽ محلي کي گهيري ڇڏيندا آهن * ۽ فرشتن جا سردار يعني حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل، حضرت اسرافيل ۽ حضرت عزرائيل عليهم السلام ميلاد شريف پڙهڻ وارن جي لاءِ رحمت ۽ رضوان جي دعا ڪندا آهن * جنهن گهر ۾ ميلاد شريف پڙهيو وڃي * الله پاڪ ان گهر کي ڏُڪار * وبائي بيمارين * باهه لڳڻ * ٻڏڻ ۽ اهڙين ڪيترن ئي آفتن کان محفوظ رکندو آهي * ان گهر جي رهڻ وارن کي بغض و حسد کان * بُري نظر کان * ۽ چوري وغيره جي خطري کان بچايو ويندو آهي * ۽ ان گهر جي اهلِ خانه جو ڪو فرد انتقال ڪري وڃي ته ان تي نَکِیْرَین (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارن ملائڪن) جي سوالن جا جواب آسان ڪيا ويندا آهن. ([2]) * حضرت خواجه جنيد بغدادي رَحمۃُ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami