Share this link via
Personality Websites!
وَ اِنْ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ لَفِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ(۱۶۴) (پارو: 4، سورة آل عمران: 164)
ترجموڪنزالعرفان: جڏهن ته اهي ان کان اڳ ۾کليل گمراهيءَ ۾ هئا.
يعني حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان اڳ پوري دنيا خصوصاً اهلِ عرب * عقيدن * اعمالن * اخلاق ۽ ڪردار وغيره هر قسم جي گمراهين ۽ اونداهين ۾ غرق هئا.[1]
اللہُ اکبر! اُها قوم جيڪا هر قسم جي پَستين جو شڪار هئي، دنيا ۾ اونداهي ئي اونداهي ڇانيل هئي * شِرڪ عام هو * توحيد جي سڀ کان وڏي مرڪز يعني ڪعبي شريف کي به شِرڪ جي گندگي سان آلوده ڪيو ويو هو * زندھ انسانن کي ذبح ڪري پٿرن جي اڳيان نذراني طور پيش ڪندا هئا * جانور به پنهنجي اولاد جي حفاظت ڪندا آهن پر ان دور جو انسان ايترو ته سخت دل هو جو پنهنجين ئي ڌيئرن کي ماڻهو زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا * بدڪاري عام هئي * شراب، جُوا، چوري چڪاري، ڦُرَلُٽَ جي ڪثرت هئي * ننڍين ننڍين ڳالهين تي جيڪڏهن جنگ ڇِڙي پوندي هئي ته پوءِ سالن تائين جاري رهندي هئي* هڪ معمولي ڳالهه تي سوين بلڪه هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو هو* ڪجهه معاشرن ۾ هيءَ رسم به هئي ته جڏهن بادشاهه مري ويندو هو ته ان جي لاش کي وڏي غار ۾ رکندا هئا، ان سان گڏ لذيذ کاڌا رکندا هئا ۽ ڪيترن ئي زنده غلامن ۽ ڪنيزن کي به غار ۾ ڇڏي غار جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا.
توهان اندازو لڳايو ته انهن زندھ غلامن جو جڏهن ساهه گهٽبو هوندو،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami