Share this link via
Personality Websites!
هڪ ٻئي مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:
كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَیْكَ لِتُخْرِ جَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ﳔ (پارو: 13، سورة ابراهيم: 1)
ترجموڪنزالعرفان: هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوھان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوھان ماڻهن کي انهن جي رب جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف ان (الله) جي رستي جي طرف آڻيو
يعني اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! دنيا اونداهين ۾ ٻُڏَل آهي* عقيدن جون اونداهيون آهن* نظريات (Theories) جون اونداهيون آهن * بُرن اخلاق ۽ گندين عادتن جون اونداهيون آهن * مطلب ته اهڙو ته انڌيرو ڇانئجي ويو آهي جو انسان جيڪو اشرفُ المخلوقات آهي، اُهو پنهنجي ئي سڃاڻپ وِڃائي چڪو آهي * ڪڏهن سج کي سجدو ڪري رهيو آهي * ته ڪڏهن وڻن ۽ پٿرن کي پنهنجو خدا مڃي رهيو آهي، اي پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! اسان قرآن ڪريم جو نُور اوهان تي نازل فرمايو آهي، توهان ماڻهن کي قرآن ڪريم ٻڌائي، قرآن ڪريم پڙهائي، قرآن ڪريم جي نوراني تعليمات کي عام فرمائي ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي نور جي طرف وٺي اچو!
معلوم ٿيو ته * قرآن نور آهي * محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جيڪي پاڻ به نور آهن ۽ نورِ قرآن کي دنيا ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا آهن * ۽ هن نور جي ذريعي دل ۽ دماغ کي روشن ڪرڻ * اخلاق ۽ ڪردار کي چمڪائڻ * مٽيءَ جي انسانن کي نوراني بڻائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا آهن.
اعليٰ حضرت رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ جا ڀاءُ جناب مولانا حَسَن رضا خان رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ فرمائن ٿا:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami