Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن هي ٻئي شخص پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، يعني هڪ خواب ٻڌائي رهيو هو ۽ ٻيو ٻڌي رهيو هو، ان وقت عظيم تابعي بزرگ حضرت ڪعبُ الاَحبَار رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ (جيڪي توريت شريف جا تمام وڏا ماهر عالم هئا)، جي ڪنن تي هنن جي ڳالهائڻ جو آواز پيو، پاڻ فرمايائون: هي توهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو (يعني هي جيڪو توهان ٻڌائي رهيا آهيو اِها ڳالهه توهان ڪٿان پڙهي يا ٻڌي آهي)؟ خواب ٻڌائڻ واري چيو: نه ...! هيءَ ڪا پڙهيل يا ٻُڌَل ڳالهه نه آهي پر هي ته مون رات خواب ڏٺو آهي، اُهو بيان ڪري رهيو آهيان. اِهو ٻڌي حضرت ڪعبُ الاَحبَار رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ چيو: وَالَّذِیْ بَعَثَ مُحَمَّدًا بِالْحَقِّ اِنَّہَا فِیْ کِتَابِ اللہِ کَمَا رَاَیْتَ يعني ان رَبِ ڪائنات جو قسم! جنهن محمد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي! توهان ته اِهو خواب ۾ ڏٺو آهي پر مون بلڪل اِها ئي ڳالهه الله پاڪ جي نازل ڪيل اڳئين آسماني ڪتاب ۾ پڙهي آهي. ([1])
سُبْحٰنَ الله! ڇا شان آهي اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو...!! هن مان معلوم ٿيو ته اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم نُورُ به آهن ۽ صاحبِ نُور به آهن ۽ حضرت ڪعبُ الاَحبَار رَحمۃُ اللهِ عَلَيْہ جي وضاحت موجب اڳين آسماني ڪتابن ۾ به اِهو ئي لکيل هو ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اُهي مبارڪ نُورَ آهن، جن جي ذريعي سموري زمين نُورَ سان جڳمڳائجي وئي آهي
چار جانِب روشنی ہے سب سماں ہے نُور نور حق نے پیدا آج اپنے پیارے کو فرمایا ہے
آگے پیچھے، دائیں بائیں نور ہے چاروں طرف آ گیا ہے نُور والا، نُور والا آیا ہے ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami