Share this link via
Personality Websites!
چمک تجھ سے پاتے ہیں سب پانے والے مرا دِل بھی چمکا دے چمکانے والے
برستا نہیں دیکھ کر ابرِ رحمت بدوں پر بھی برسا دے برسانے والے([1])
نُورَ وارو آيو آ، نُورُ کڻي آيو آ
حضرت سالِم بن عبد الله رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي: (صحابه ڪرام ۽ تابعين جي زماني جي ڳالهه آهي) هڪ دفعي 2 ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، انهن مان هڪ چيو ته مون ڪالهه رات خواب ۾ تمام انبياءِ ڪِرام عليهم السلام جي زيارت ڪئي آهي. ٻئي پڇيو: پوءِ ٻڌايو! توهان ڇا ڏٺو؟ هاڻي خواب ڏسڻ وارو پنهنجو خواب ٻڌائڻ لڳو، چيائين: مون ڏٺو ته هر نبي عليه السَّلام سان گڏ 4، 4 چراغ (Lanterns) هئا * هڪ چراغ انهن جي اڳيان * هڪ انهن جي پويان * هڪ انهن جي ساڄي پاسي * هڪ کاٻي پاسي. ۽ هر نبي عليه السَّلام سان گڏ انهن جو هڪ صحابي به هو، انهن وٽ به هڪ هڪ چراغ هو.
پوءِ مون ڏٺو ته (هڪ عظيم مرتبي وارا) نبي اُٿيا، انهن جي اُٿڻ سان ئي پوري زمين روشن ٿي وئي، انهن جي مبارڪ مٿي جي هر وار سان گڏ هڪ چراغ هو ۽ انهن جا صحابي جيڪي انهن سان گڏ هئا، انهن وٽِ هڪ هڪ نه بلڪه 4، 4 چراغ هئا. هي منظر ڏسي مون پڇيو: مَنْ هٰذَا يعني هي ايڏي بلند رتبي وارا نبي جن جي اُٿڻ سان سڄي زمين روشن ٿي وئي آهي، ڪير آهن؟ ته جواب آيو: مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللہ يعني هي محمد بن عبدالله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم آهن.[2]
نُور والا آیا ہے، نُور لے کر آیا ہے سارے عالَم میں یہ دیکھو کیسا نُور چھایا ہے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami