Share this link via
Personality Websites!
474302
9278
امتحان هو، توهان وڏين مشڪلاتن ۾ گهيريل هئا، پوءِ ڇا ٿيو؟ الله پاڪ بني اسرائيل جي نجات لاءِ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ کي موڪليو، پاڻ فرعون کي ايمان جي دعوت ڏني، فرعون نه مڃي، ڪيترن ئي سالن جي نيڪي جي دعوت کان پوءِ آخر حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ الله پاڪ جي حڪم سان بني اسرائيل کي وٺي راتون رات مصر مان روانا ٿي ويا، فرعون کي خبر پئي ته اهو به 70 هزار جو لشڪر وٺي پويان اچي ويو، هاڻي وڏي مشڪل ٿي وئي، سامهون درياهه نيل هو، پويان فرعون جي فوج هئي، وچ ۾ بني اسرائيل هئا، اهڙي مشڪل وقت ۾ الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ کي حڪم ڏنو: اي موسيٰ! درياهه تي پنهنجي عصا مبارڪ هڻو! حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ جيئن ئي پنهنجي لٺ مبارڪ درياهه تي هنئي، فوراً درياهه جو پاڻي ديوارن وانگر بيهي ويو، ان ۾ 12 رستا بڻجي ويا، بني اسرائيل انهن رستن تان آرام سان گذري ويا، فرعون جي فوج به پويان پويان درياهه ۾ داخل ٿي وئي، هيڏانهن بني اسرائيل درياهه جي ٻئي ڪناري کان ٻاهر نڪتا، هوڏانهن فرعون جي فوج درياهه ۾ (وچ تائين) داخل ٿي وئي، ان ئي وقت درياهه جو پاڻي ٻيهر پاڻ ۾ ملي ويو ۽ فرعون پنهنجي فوج سميت درياهه جي اندر غرق ٿي ويو. ([1]) الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اِذْ فَرَقْنَا بِكُمُ الْبَحْرَ فَاَنْجَیْنٰكُمْ وَ اَغْرَقْنَاۤ اٰلَ فِرْعَوْنَ وَ اَنْتُمْ تَنْظُرُوْنَ(۵۰)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان توهان جي لاءِ درياء کي چيري وڌو پوءِ اسان توهان کي بچائي ورتو ۽ فرعونين کي توهان جي اکين جي سامهون غرق ڪري ڇڏيو۔ (پاره: 1، البقره: 50)
هي هڪ عظيم انعام هو جيڪو بني اسرائيل تي ڪيو ويو، کين فرعون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami