Share this link via
Personality Websites!
474299
9278
ٻانهو آهي، ٻانهو بڻجي، الله پاڪ وَحْدَہٗ لَا شَرِیْک جي بارگاھ ۾ سر جهڪائي ۽ الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ اچي وڃي. (2): فرعون بني اسرائيل کي ناحق پنهنجو غلام بڻائي ورتو آهي، انهن کي غلامي مان آزاد ڪري ڇڏي. قرآنِ ڪريم ۾ آهي،
حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ فرمايو:
قَدْ جِئْتُكُمْ بِبَیِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَؕ(۱۰۵)
ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ مان توهان سمورن وٽ توهان جي رب جي طرف کان نشاني کڻي آيو آهيان پوءِ بني اسرائيل کي مون سان گڏ وڃڻ ڏي. (پاره: 9، الاَعراف: 105)
حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ پنهنجي ان دعويٰ تي دليل ڏنا، معجزا ڏيکاريا، فرعون ۽ ان جي قوم کي سمجهايو پر فرعون ضدي هو، ضدي ئي رهيو، سرڪش هو، سرڪش ئي رهيو، ان جي مٿي تي طاقت جو، سلطنت جو، تاج ۽ تخت جو ڀوت سوار هو، ان بدبخت حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ جي نافرماني ڪئي، حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ جي شان ۾ گستاخيون ڪيون، حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ ۽ بني اسرائيل کي تڪليفون پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، مَعَاذَ الله حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ کي شهيد ڪري ڇڏڻ جا منصوبا جوڙيا. جڏهن فرعون تمام حدون پار ڪري ويو، پنهنجي ڪفر ۾ بلڪل ڍيٽ ٿي ويو ۽ بني اسرائيل کي آزاد ڪرڻ تي ڪنهن به طرح تيار نه ٿيو ته الله پاڪ فرعون کي ان جي لشڪر سميت درياهه ۾ غرق ڪري ڇڏيو ۽ اهو هميشه هميشه جي لاءِ جهنم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami