Share this link via
Personality Websites!
474297
9278
ڪيا ويا، انهن مان هڪ هي آهي ته انهن تي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن تي جيڪي الله پاڪ جا انعام ٿيا، اهي کين ياد ڏياريا ويا ۽ فرمايو ويو ته انهن نعمتن جو شڪر ادا ڪريو! ۽ ايمان قبول ڪري دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪريو! آيت: 49 کان انهن ئي انعامن جو ذڪر شروع ٿي رهيو آهي.
سڀ کان پهريان جنهن انعام جو ذڪر ڪيو ويو، اهو بني اسرائيل جي آزادي آهي. اهو واقعو ڇا آهي؟ اچو! پهريان اهو واقعو ٻڌون ٿا، پوءِ آيت سڳوري ٻڌنداسين.
بني اسرائيل جي غلامي ۽ آزادي جو واقعو
بني اسرائيل جو آبائي وطن ملڪِ شام ۾ ڪَنْعان نالي علائقو هو، جڏهن حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ مصر تشريف کڻي آيا، هتي پاڻ نبوت جو اعلان فرمايو، اهلِ مصر کي ڪفر ۽ شرڪ کان روڪيو، انهن کي الله پاڪ وَحْدَہٗ لَا شَرِیْک جي عبادت ڏانهن سڏيو، الله پاڪ حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ کي عزيزِ مصر (يعني مصر جي وزيراعظم) جو عهدو عطا ڪيو، ان وقت جي بادشاهه به حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ تي ايمان آندو ۽ فرمانبردار ٿي ويو، ان وقت حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ جا والد حضرت يعقوب عَلَیْهِ السَّلامُ ، 11 ڀاءُ ۽ باقي گهر وارا مصر تشريف کڻي آيا.
بني اسرائيل حضرت يعقوب عَلَیْهِ السَّلامُ جو اولاد هئا ۽ مصر جي وزيراعظم يعني حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ جي خاندان وارا به هئا، تنهنڪري مصر ۾ بني اسرائيل جي تمام گهڻي عزت هئي، سندن مقام ۽ مرتبو هو، ماڻهو سندن احترام ڪندا هئا. آخر حضرت يوسف عَلَیْهِ السَّلامُ دنيا مان پردو فرمايو، وقت گذرندو ويو، صديون گذرڻ کان پوءِ مصر جي حڪومت هڪ انتهائي مغرور ۽ سرڪش
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami