Share this link via
Personality Websites!
474304
9278
هزار علماءِ ڪرام شهيد ٿيا. ([1])
ان سان به مسلمانن جا حوصلا پست نه ٿيا، مسلمان مسلسل ڪوششون ڪندا رهيا، عاشقِ رسول علماءِ ڪرام ڏينهن رات محنت ڪندا رهيا * صدر الافاضل مولانا نعيم الدين مراد آبادي * مفتي احمد يار خان نعيمي * خليفه اعليٰ حضرت مولانا عبد العليم ميرٺي * مولانا ديدار علي شاهه *محدثِ اعظم هند محدث ڪڇوڇوي * محدث علي پوري * ابو الحسنات سيد احمد قادري * علامه عبد الغفور هزاروي * علامه عبد الستار خان نيازي * خواجه قمر الدين سيالوي * پير جماعت علي شاهه * پير صاحب مانڪي شريف * پير صاحب زڪوڙي شريف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اجمعين ۽ انهن کان علاوه سوين علماء ۽ مشائخِ اهلسنت تحريڪِ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو ([2]) برصغير جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ تقريرون ٿيڻ لڳيون، نظم پڙهيا وڃڻ لڳا، مسلمانن جي دلين ۾ پاڪستان جي محبت وڌي وئي بلڪ علماءِ اهلسنت جي باري ۾ ته ڪتابن ۾ ايستائين به لکيل آهي ته 1946ع ۾ جڏهن تحريڪِ پاڪستان پنهنجي آخري مرحلن ۾ هئي، ان وقت علماءِ ڪرام گهر گهر وڃي به دعوتون ڏنيون ۽ مسلمانن ۾ هڪ آزاد اسلامي ملڪ جي محبت بيدار ڪئي (جاڳائي). ([3])
آخر بزرگن جون دعائون قبول ٿيون، علماء ۽ مشائخ، عوام ۽ مسلم اڳواڻن جي ڪوششن رنگ لاتون ۽ 14 آگسٽ، 1947ع تي رمضان المبارڪ جي 27 هين رات هئي، اهڙن بابرڪت گهڙين ۾ رات جو 12 وڳي اعلان ٿي ويو: اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمانن جو الڳ اسلامي ملڪ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami