Share this link via
Personality Websites!
بار وسامي پئي ويو، بار بار ٻارڻ ۾ هڪ ڏکيائي اِها به هئي ته ماچس جي تيلي ۾ جيئن ته گندرف هوندو آهي، جنهن کي ٻارڻ سان، جيتوڻيڪ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ئي صحيح، پر بدبوءِ ضرور پيدا ٿيندي آهي، تنهنڪري مسجد ۾ ماچس ٻارڻ به منع هو. هاڻي مينهن، هوا، اهڙي حالت ۾ بار بار مسجد کان ٻاهر وڃڻ، ماچس جي تيليءَ سان ڏيئو ٻارڻ ۽ پوءِ وڏي احتياط سان ان کي اندر کڻي اچڻ، هڪ ڏکيو ڪم هو.
اعليٰ حضرت جي خادم، حاجي ڪفايت الله صاحب، هن مسئلي جو حل هن طرح ڪڍيو جو فانوس کڻي ان ۾ گاسليٽ وجهڻ بدران ارنڊيءَ جو تيل وِڌائون ته جيئن بدبوءِ پيدا نه ٿئي. ۽ اُن کي ٻاري مسجد ۾ رکي ڇڏيائون. فانوس ۾ شيشو لڳل هوندو آهي، جنهن ڪري اُهو هوا جي سبب وِسامندو نه آهي.
اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجد ۾ تشريف کڻي آيا، جڏهن سندن نظر فانوس تي پئي ته جلال مان فرمايائون: حاجي صاحب! توهان ڪيترائي ڀيرا اِهو مسئلو ٻڌو هوندو ته مسجد ۾ بدبودار تيل نه ٻارڻ گهرجي. عرض ڪيائون: حضور! هن فانوس ۾ اِرنڊيءَ جو تيل آهي فرمايائون: اچڻ وڃڻ وارا ماڻهو اِها ڳالهه ڪيئن سمجهي سگهندا؟ هُو ته اِهوئي چوندا ته ٻين کي فتويٰ ڏني وڃي ٿي ته: مسجد ۾ بدبودار تيل نه ٻاريو ۽ پاڻ وري فانوس ٻاري رهيا آهن. ([1])
وڌيڪ فرمايائون ته جيڪڏهن اِرنڊيءَ جو تيل وجهي ئي فانوس ٻارڻو آهي ته ان جو هڪ طريقو هي آهي ته لالٽين جي ڀرسان بيهي مسلسل اعلان ڪندا رهو ته هِن ۾ ارنڊيءَ جو تيل آهي، هن ۾ ارنڊيءَ جو تيل آهي. ته جيئن ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي بدگماني نه ٿئي، حاجي ڪفايت الله صاحب جڏهن اِها ڳالهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami