Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو!عالم هجڻ وڏي شان جي ڳالهه آهي، پر عالم جي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هُو باعمل هجي. پياري آقا، مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: هِمَّةُ الْعُلَمَاءِ الرِّعَايَةُ يعني علم وارن جي هيءَ ذميواري آهي ته (سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي، بلڪه) هُو پنهنجي علم تي عمل ڪن.[1]
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ! اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ باعمل عالمِ دين هئا. اچو سندن هڪ واقعو ٻڌون ٿا: پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور ۾ بجلي ايتري عام نه هئي، ماڻهو ڏيئا ۽ لالٽين يعني فانوس (Lantern) وغيره ٻاريندا هئا. فانوس کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ ائين کڻي چئجي ته هي هڪ ننڍڙو ليمپ هوندو هو، جنهن ۾ تيل وجهي ٻاريندا هئا، ماڻهن جو معمول اِهو هو ته هُو فانوس ۾ گاسليٽ وِجهي ٻاريندا هئا، جنهن جي ٻرڻ سان بدبوءِ پکڙجندي هئي، جڏهن ته ڏيئن ۾ اڪثر ڪري سرنهن يا اِرنڊيءَ جو تيل يعني (Castor Oil) وڌو ويندو هو، جنهن جي ڪري انهن مان بدبوءِ نه ايندي هئي. اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فتويٰ اِها آهي ته: مسجد ۾ گاسليٽ ٻارڻ جائز نه آهي، ڇو ته مسجد کي بدبوءِ کان بچائڻ واجب آهي.([2])
تنهنڪري اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جي جيڪا مسجد هئي، اتي فانوس نه ٻاريو ويندو هو، پر ڏيئو ئي ٻاريو ويندو هو. هڪ ڀيري ائين ٿيو جو رات جو وقت هو، مينهن به وسي رهيو هو ۽ هوا به هلي رهي هئي. اهڙي حالت ۾ ڏيئي کي ٻرندو رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. بار بار ڏيئو ٻاريو پئي ويو پر هر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami