Share this link via
Personality Websites!
هڪڙو انسان ايترن فتنن کي منهن ڏئي سگهي ٿو؟
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ! اهو سڀ ڪجهه الله پاڪ جي تائيد ۽ نصرت سان بيشڪ ممڪن آهي. الله پاڪ سيپارو 28، سورة مُجَادَلَۃ جي آيت 22 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ- (پارو 28، سورة مُجَادَلَہ: 22)
ترجموڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي
يعني جيڪي ڪامل ايمان وارا آهن، جن کي پنهنجي رب ڪريم تي ڀروسو آهي، ان جي تائيد ۽ نصرت تي يقين آهي، پوءِ الله پاڪ به (1): انهن جي دلين تي ايمان نقش فرمائي ڇڏيندو آهي (2): ۽ پنهنجي طرفان هڪ روح (مثلاً رُوحُ القُدس حضرت جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام) جي ذريعي انهن جي خاص مدد ۽ تائيد فرمائيندو آهي.
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ! هي ٻئي وصفون (1) مضبوط ايمان (2): تائيدِ رباني (يعني الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت)، اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پاڪ سيرت ۾ گڏو گڏ نظر اچن ٿيون. مثال طور: * صرف 4 سالن جي عمر ۾، جڏهن ٻار کي اڃان صحيح نموني ڳالهائڻ به نه ايندو آهي، پاڻ ناظره قرآن پاڪ مڪمل ڪري چڪا هئا * 6 يا 7 سالن جي عمر ۾، وڏي ميڙ ۾ عالمن ۽ مشائخ جي موجودگيءَ ۾ تقرير فرمائي رهيا هئا * 8 سالن جي عمر ۾، درسِ نظامي ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami