Share this link via
Personality Websites!
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم: (1): جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي. ([1]) (2): افضل عبادت تواضع (يعني عاجزي) آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! تواضع، يعني عاجزي ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا آقا و مولا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم تمام بلند رتبي وارا آهن. الله پاڪ کان پوءِ سڀ کان اعلى مقام سندن ئي جو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي عاجزي جو شان به جَڳَ کان نرالو هو. الله پاڪ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي اختيار ڏنو ته چاهيو ته شاهانه زندگي گذاريو ۽ جيڪڏهن چاهيو ته بندگي واري ۽ فقر واري زندگي اختيار ڪريو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم بندگي واري ۽ فقر واري زندگي اختيار فرمائي * خادمن سان گڏ ويهي کاڌو تناول فرمائيندا هئا * غلامن جون دعوتون قبول فرمائيندا هئا * مسڪينن جي عيادت فرمائيندا هئا * فقيرن سان گڏ ويهندا هئا * صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم سان مِلي جُلي رهندا هئا * پنهنجا ڪم پاڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان ڪندا هئا * صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم اڳتي وڌي خدمت ڪرڻ چاهيندا هئا ته کين فرمائيندا هئا: اِهو سچ آهي ته اوهان منهنجا سڀ ڪم ڪري ڇڏيندا، پر مون کي اهو پسند نه آهي ته مان اوهان جي وچ ۾ ڪنهن امتيازي شان سان رهان. ([3])
کبھی جَو کی موٹی روٹی تو کبھی کھجور پانی تِرا ایسا سادہ کھانا مدنی مدینے والے
ہے چٹائی کا بچھونا کبھی خاک ہی پہ سونا کبھی ہاتھ کا سِرہانا مدنی مدینے والے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami