Share this link via
Personality Websites!
سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول ھن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکاتُہمُ العالیہ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي ”امام غزالي جون سونهري ڳالهيون “ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، اُهي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو * مڪتبة المدينه حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي سيرت ۽ ڪرامات تي مشتمل هڪ زبردست رسالو فيضانِ داتا علي هجويري جي نالي سان شايع ڪيو آهي. هي رسالو مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 55 روپين ۾ خريد فرمائي، پاڻ به مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوا عَلَى الْحَبِيب! صَلَّى اللهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami