Share this link via
Personality Websites!
سياري جي موسم هئي، اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه گرم چادر ويڙهي رکي هئي. مغرب جي نماز ادا ڪري مسجد مان ٻاهر تشريف کڻي آيا، ڏٺائون ته ذڪاءُ الله صاحب وٽِ گرم چادر نه هئي. اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه فوراً پنهنجي چادر لاهي پنهنجي خادم کي عطا فرمائي ڇڏي. هن واقعي کان 2 يا 3 ڏينهن پوءِ اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه لاءِ نئين چادر تيار ڪئي وئي. قربان وڃجي! پاڻ اها نئين چادر اوڍي مسجد ۾ ويا، اتي هڪ مسافر کي ڏٺائون، جنهن وٽ گرم چادر نه هئي. پاڻ پنهنجي اها نئين چادر لاهي ان اڻڄاتل مسافر کي عطا فرمائي ڇڏيائون. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه عظيم شان آهي، ڪيڏيون نه سخاوتون آهن! پاڻ کي سردي لڳندي، پاڻ کي تڪليف ٿيندي، ان جي ڪا به پرواهه نه آهي. مسلمان ڀاءُ مشڪل ۾ نه اچي، ان جي ڪيتري قدر فڪر آهي.
اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ ٻيو مبارڪ انداز ڏسو! پاڻ پنهنجن * عزيزن * قريبن * دوستن * ۽ خاص خاص مريدن جي نالن جي هڪ ڊگهي فهرست تيار ڪري رکي هئائون. فجر جي نماز کان پوءِ پنهنجن اوراد ۽ وظائف جي آخر ۾ انهن سڀني جا نالا کڻي سندن حق ۾ دعا فرمائيندا هئا. سيد ايوب علي صاحب ارشاد فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مان تمام گهڻو پريشان هئس، اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاهه ۾ دعا لاءِ عرض ڪيو. پاڻ دعا فرمايائون ۽ ان سان گڏوگڏ مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد قناعت علي کي فرمايائون: توهان ٻنهي جا نالا به مون دعا واري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا آهستي آهستي تمام گهڻي ڊگهي ٿي وئي آهي. اهي سڀ نالا مون کي ياد آهن، مان روزانو سڀني جا نالا کڻي انهن جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami