Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سڄي زندگي علم ۽ عمل جو آئينو آهي. پاڻ رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه کي نماز سان خاص محبت ۽ رغبت هئي، اِهو ئي سبب هو جو اعليٰ حضرت رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه نه رڳو پاڻ باجماعت نماز جي پابندي فرمائيندا هئا، پر پنهنجن مريدن ۽ متعلقين ۾ به باجماعت نماز جو جذبو خوب بيدار ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ تربيت فرمائيندي ارشاد فرمائن ٿا ته پنجن ئي نمازن جي پابندي نهايت ضروري آهي، مردن لاءِ مسجد ۽ جماعت جي پابندي به واجب آهي. بي نمازي مسلمان ڄڻ ته تصوير نما انسان آهي. ظاهري صورت انسان جي، پر انسان وارو ڪو ڪم نه. بي نمازي اهو نه آهي جيڪو ڪڏهن به نماز نه پڙهي، پر جيڪو ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز به ڇڏي ڏئي، اهو به بي نمازي آهي. (فیضانِ اعلیٰ حضرت،ص353۔ بتغیر قلیل)
پاڻ رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه باجماعت نماز جو ڪيتري قدر اهتمام فرمائيندا هئا، ان جي باري ۾ مولانا حسنين رضا خان رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا ته سندن هم عُمر ۽ ڪجهه وڏن جي بيانن مان معلوم ٿيو ته پاڻ شعور جي شروعات کان ئي باجماعت نماز جا سخت پابند رهيا. يعني بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي پاڻ صاحبِ ترتيب ماڻهن ۾ شامل ٿي چڪا هئا ۽ وفات تائين صاحبِ ترتيب ئي رهيا. (فیضانِ اعلیٰ حضرت، ص 86)
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اعليٰ حضرت جو. اسان جا امام ننڍپڻ کان وٺي آخري وقت تائين صاحبِ ترتيب رهيا. جنهن شخص جون 6 کان گهٽ نمازون قضا ٿيون هجن ان کي صاحبِ ترتيب چيو ويندو آهي[1].
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami