Share this link via
Personality Websites!
حُسنِ سیرت سے مُزَّین تھے امام احمدرضا مُنْفَرِد اُن کے خَصائل اور نِرالی تھی ادا
اُن کی جملہ خوبیوں پر خوبیوں کو نَاز تھا کیونکہ اُن کی زندگی کا مُنْفَرِد انداز تھا
عاجزي ۽ انڪساريءَ سان بلندي ملندي آهي
ڪاش! اسان کي به عاجزي ۽ انڪساري نصيب ٿي وڃي * اسان ڪي تمام وڏا عالم فاضل به نه آهيون * تمام وڏا عبادت گذار به نه آهيون * جيڪڏهن انصاف سان پنهنجو جائزو وٺون ته شايد ڪا هڪ به فضيلت واري ڳالهه پنهنجي اندر نظر نه اچي، پر افسوس! سراپا گناهه هئڻ جي باوجود اسان پاڻ کي نه ڄاڻ ڇا سمجهي ويٺا آهيون. ڪاش! اسان پنهنجو پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ ڇڏي ڏيون. ڪاش! ڪنڌ جهڪائڻ، پاڻ کي بلڪل ناڪاره ۽ نِڪمو سمجهڻ ۽ پوءِ ان جي مطابق نهايت عاجزيءَ سان زندگي گذارڻ نصيب ٿي وڃي. حديث پاڪ ۾ آهي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: مَا تَوَاضَعَ أَحَدٌ لِلّٰهِ إِلَّا رَفَعَهُ اللّٰهُ يعني جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائي ڇڏيندو آهي. ([1]) هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ فرمايائون: اَلتَّوَاضُعُ لَا يَزِيدُ الْعَبْدَ إِلَّا رِفْعَةً، فَتَوَاضَعُوا يَرْفَعْكُمُ اللّٰهُ يعني عاجزي ٻانهي کي فقط بلندي ئي عطا ڪندي آهي، تنهنڪري عاجزي ڪندا ڪريو! الله پاڪ توهان کي بلند رُتبو عطا فرمائي ڇڏيندو. ([2]) الله پاڪ اسان سڀني کي عاجزي اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami