Share this link via
Personality Websites!
474005
9265
گهڻي عاجزي ڪرڻ وارا هئا پر هن موقعي تي تحديثِ نعمت (نعمت جي اظهار) طور ڄڻ پاڻ ٻڌائي رهيا هئا ته مون تي ربِ رحمٰن جو احسان آهي ته منهنجي دل تي ايمان نقش ڪيو ويو آهي.
مان تارا بنائڻ واري کي ڏسي رهيو آهيان
واقعو تمام مشهور آهي، هڪ ڀيري هڪ صاحب حاضر ٿيو، جيڪو علمِ نجوم ۾ وڏي مهارت رکندو هو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه پڇيو: فرمايو! بارش جو ڇا اندازو آهي؟ ڪڏھن ٿيندي؟ نجومي صاحب پنهنجي علم مطابق لڪيرون وغيره ڪڍيون، زائچو بڻايو، سڀ حساب ڪتاب لڳائڻ کان پوءِ چيائين: هن مهيني ۾ بارش ناهي، ايندڙ مهيني ٿيندي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه وڏي اطمينان ۽ يقين سان فرمايو: الله پاڪ کي سڀ قدرت حاصل آهي، هو چاهي ته اڄ ئي بارش ٿي وڃي. نجومي صاحب کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيائين: ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ توهان به ته علمِ نجوم ڄاڻو ٿا، ستارن جي چال کي ته ڏسو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه کيس سمجهائڻ جو آسان انداز اختيار ڪيو، سامهون گهڙي لڳل هئي، پاڻ پڇيائون: ٻڌايو! هن وقت ڪيترا وڳا آهن؟ نجومي صاحب چيو: سوا يارنهن. پڇيائون: ٻارهن وڄڻ ۾ ڪيترو وقت آهي؟ چيائين: پورو منو ڪلاڪ (45 منٽ). اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه اٿيا ۽ هٿ سان وڏي سئي کي ڦيرائي ڇڏيو، فوراً ٻارهن ٿي ويا. فرمايائون: توهان ته چيو هو ته مني ڪلاڪ کان پوءِ ٻارهن وڄندا، هي ته هاڻي وڄي ويا. نجومي صاحب چيو: توهان سئي ڦيرائي، نه ته نه وڄن ها. فرمايائون: مان به ته اهو ئي چوان ٿو، توهان ستارن کي ڏسي رهيا آهيو، مان ستارن کي بڻائڻ واري جي قدرت کي ڏسان ٿو، هو جنهن ستاري کي جيئن چاهي ڦيرائي ڇڏي، اهو ربِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami