Share this link via
Personality Websites!
474000
9265
اسان شروع ۾ سيپاري: 28، سورة المجادله جي آيت: 22 جو ڪجهه حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ- (پاره: 28، سورة المجادلة: 22)
تَرْجَمو ڪَنْزُالْعِرْفَان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.
هي ڪامل ايمان وارن، وڏي مرتبي وارن عاشقانِ رسول جي شان جو بيان آهي، هن جاءِ تي 2 ڳالهيون ارشاد ٿيون آهن: (1): جيڪي بلند مرتبي وارا عاشقانِ رسول آهن، رب ڪريم انهن جي دل تي ايمان نقش فرمائي ڇڏيندو آهي (2): پنهنجي طرف کان هڪ روح (مثلاً روح القدس حضرت جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام) جي ذريعي، انهن جي خاص مدد ۽ تائيد فرمائيندو آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آيتِ سڳوري جو اهو حصو آهي، جنهن مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه جي تاريخِ ولادت نڪتل آهي، يعني سندن ولادت جو سال آهي: 1272 ۽ آيت سڳوري جي هن حصي جا جيڪي عدد (انگ) آهن اهي به 1272 آهن. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه جي سيرتِ پاڪ کي ڏسجي ته هن آيت سڳوري جو پورو پورو فيضان سندن ذات ۾ نظر اچي ٿو، جيڪڏهن چيو وڃي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه ِجي 68 ساله زندگي مبارڪ کي هڪ جملي ۾ بيان ڪيو! ته اهو پوري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami