Share this link via
Personality Websites!
474018
9265
انهن جي الڳ فهرست به موجود آهي. * ايپلي ڪيشن ۾ هڪ تمام بهترين فيچر ايڊوانس سرچ (Advanced Search) جو آهي، جنهن جي ذريعي پنهنجي گهربل ڳالهه تمام آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿي. * جلد چونڊي ان ۾ گهربل صفحي (Page) تي وڃي سگهجي ٿو. * اکرن جي سائيز (Font Size) به پنهنجي مرضيءَ مطابق ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. * ايپلي ڪيشن ۾ پنهنجي پسند جي ڳالهه کي نوٽس (Notes) جي فيچر ۾ لکي محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ پسنديده (Favorites) لسٽ ۾ شامل ڪري شيئر (Share) به ڪري سگهجي ٿو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي پڄاڻي ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: مسجد جي چندي مان ربيع الاول جو چراغان ڪرڻ جائز ناهي.
وضاحت: اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ربيع الاول شريف جي آمد آمد آهي، الله پاڪ جو فضل آهي ته عاشقانِ رسول ربيع الاول شريف ۾ گهرن، مسجدن ۽ محلن کي سينگاريندا آهن، هي سينگارڻ بلڪل جائز بلڪ ثواب جو ڪم آهي، پر هڪ مسئلو ٻڌو ۽ سمجهو ته مسجد جي چندي مان ربيع الاول جو چراغان ڪرڻ جائز ناهي. اصول هي آهي ته چندو صرف ان ڪم ۾ خرچ ڪري سگهجي ٿو،
جنهن ڪم لاءِ گڏ ڪيو ويو هجي. عام طور تي مسجد جو چندو چراغان لاءِ نه پر مسجد جي ضرورتن لاءِ ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري ان مان چراغان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami