Share this link via
Personality Websites!
474014
9265
گستاخي ڪري، مسلمان ان سان دوستي نه رکندو، جنهن جو واضح مطلب اهو ٿيو ته جيڪو ان سان دوستي ڪندو، اهو مسلمان نه هوندو. پوءِ هن حڪم جو بلڪل عام هجڻ وضاحت سان ارشاد فرمايو ته پيءُ، پٽ، ڀاءُ، عزيز سڀني کي ڳڻايو ويو، يعني توهان جي خيال ۾ ڪير به ڪيترو ئي معزز يا طبعي طور ڪيڏو ئي محبوب ڇو نه هجي، جيڪڏهن ايمان آهي ته گستاخيءَ کان پوءِ ان سان محبت نٿا رکي سگهو، ان جي وقعت نٿا مڃي سگهو، نه ته مسلمان نه رهندؤ. الله پاڪ جو ايترو فرمائڻ ئي مسلمان لاءِ ڪافي هو، پر ڏسو هو توهان کي پنهنجي رحمت ڏانهن سڏي ٿو، پنهنجي عظيم نعمتن جي لالچ ڏياري ٿو ته جيڪڏهن الله ۽ رسول جي عظمت اڳيان توهان ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي، ڪنهن سان تعلق نه رکيو ته توهان کي ڪهڙا فائدا حاصل ٿيندا: (1) الله پاڪ توهان جي دلين ۾ ايمان نقش ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سٺي خاتمي جي عظيم خوشخبري آهي ته الله پاڪ جو لکيل نٿو مٽجي.(2) الله پاڪ روح القدس جي ذريعي توهان جي مدد فرمائيندو. (3) توهان کي هميشه رهڻ وارين جنتن ۾ وٺي ويندو، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. (4) توهان خدا جو گروهه سڏائيندؤ، خدا وارا ٿي ويندؤ. (5) دل گهريون مرادون ماڻيندؤ بلڪه اميد ۽ خيال کان به ڪروڙين درجا وڌيڪ. (6) سڀ کان وڌيڪ هي ته الله پاڪ توهان کان راضي ٿيندو. (7) هي ته فرمائي ٿو: مان توهان کان راضي، توهان مون کان راضي. ٻانهي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نعمت هوندي ته سندس رب راضي هجي، پر ڪرم نوازيءَ جي انتها اها آهي جو فرمايائين ته الله انهن کان راضي ۽ اهي الله کان راضي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪامل ايمان جي تقاضائن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami