Share this link via
Personality Websites!
474012
9265
الله پاڪ اسان کي ڪامل ايمان ۽ پڪو يقين نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيت سڳوري ٻڌي، ربِ ڪريم فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ- (پاره: 28، سورة المجادلة: 22)
تَرْجَمو ڪَنْزُالْعِرْفَان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.
هاڻي هن آيت سڳوري تي هڪ ٻئي رُخَ کان غور ڪريو! الله پاڪ فرمايو: lk^، ان جو مطلب آهي: ”اُهي ماڻهو“. سوال آهي ته: ڪهڙا ماڻهو؟ الله پاڪ فرمايو:
لَا تَجِدُ قَوْمًا یُّؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ یُوَآدُّوْنَ مَنْ حَآدَّ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ لَوْ كَانُوْۤا اٰبَآءَهُمْ اَوْ اَبْنَآءَهُمْ اَوْ اِخْوَانَهُمْ اَوْ عَشِیْرَتَهُمْؕ- (پارہ:28، المجادلہ:22)
ترجموڪنزالعرفان: تون اهڙن ماڻهن کي نه ڏسندين جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکندا هجن جو اهي انهن ماڻهن سان دوستي ڪن جن الله ۽ ان جي رسول سان مخالفت ڪئي پوءِ ڀلي اهي انهن جا پيءُ يا انهن جا پٽ يا انهن جا ڀائر يا انهن جي خاندان وارا هجن.
يعني اي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ! جيڪو به توهان جو غلام آهي، توهان تي ايمان رکندڙ آهي، الله پاڪ ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو، ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته هو الله ۽ رسول جي دشمنن سان دوستي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami