Share this link via
Personality Websites!
474011
9265
بي يقينيءَ جي ڪيفيت آهي. اڄ امتِ مسلمه مجموعي طور تي ڪيترن ئي قسمن جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي * غربت عام آهي * مشڪلاتون آهن، هر ٻيو ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار آهي * لڙائي ۽ جهيڙا آهن * نااتفاقي آهي * دنيا ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي مسلمان ويچارا ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻيل آهن، الله پاڪ انهن جي غيب مان مدد فرمائي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمانن تاريخ ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، الله ڪريم مسلمانن کي وڏي شان ۽ شوڪت سان نوازيو آهي پر هاڻي حالتون ڪجهه ٻئي قسم جون هلي رهيون آهن، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان تي جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته شايد ڪيترائي سبب سامهون ايندا پر انهن سڀني جو صرف هڪ سبب جنهن کي شايد سڀ کان وڏو سبب چئي سگهجي ٿو، اها بي يقيني آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جو عاليشان ارشاد ٻڌو! مشهور صحابيِ رسول حضرت ابو هريره رَضِيَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَا اَخَافُ عَلٰی اُمَّتِی اِلَّا ضِعْفَ الْیَقِیْنِ يعني مون کي پنهنجي امت تي ڪنهن شيءِ جو خوف ناهي سواءِ يقين جي ڪمزوريءَ جي. ([1])
هڪ ٻي حديثِ پاڪ ٻڌو! رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: نَجَا اَوَّلُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِالْیَقِیْنِ وَ الزُّہْدِ هن امت جا پهريان ماڻهو يقين ۽ دنيا کان بي رغبتي جي ڪري نجات ماڻي ويا، وَ یَہْلِکُ آخِرُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِالْبُخْلِ وَالْاَمَلِ ۽ هن امت جي آخري دور ۾ اچڻ وارا ڪنجوسي ۽ ڊگهين اميدن جي ڪري هلاڪ ٿي ويا. ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami