Share this link via
Personality Websites!
474008
9265
انڪار ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف الله پاڪ جي خاص تائيد ۽ مدد ڏسو! غيبي طور تي پاڻ کي علاج ٻڌايو ويو ۽ پاڻ شفاياب ٿي ويا.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه پهريون ڀيرو پنهنجي والدين سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويا هئا، ان وقت پاڻ رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه جي عمر مبارڪ 22 سال ۽ ڪجهه مهينا هئي. ڇو جو هي سفر بحري جهاز ذريعي هو، واپسيءَ تي سمنڊ ۾ 3 ڏينهن تائين سخت طوفان رهيو، طوفان ايترو ته شديد هو جو ماڻهو زندگيءَ جي اميد ڇڏي ويٺا هئا ۽ ڪيترن ئي ته ڪفن به پائي ورتا هئا. سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه فرمائن ٿا ته: ان وقت پنهنجي والده ماجده جي بيچيني ڏسي، کين تسلي ڏيڻ لاءِ بي اختيار منهنجي زبان مان نڪتو: توهان اطمينان رکو، خدا جو قسم! هي جهاز نه ٻڏندو. هاڻي ٿورو صورتحال جو تصور ڪري غور ڪريو! هڪ طرف اها حالت آهي جو ماڻهو اميدون ختم ڪري ڪفن پائي چڪا آهن ۽ ٻئي طرف سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه آهن جيڪي قسم کڻي چئي رهيا آهن ته هي جهاز نه ٻڏندو. هي قسم اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه ڇو کنيو هو؟ ان جي وضاحت ڪندي پاڻ فرمائن ٿا: هي قسم مون ان حديثِ پاڪ جي اطمينان تي کنيو هو، جنهن ۾ ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ وقت غرق ٿيڻ کان حفاظت جي دعا ارشاد ٿيل آهي، مون اها دعا پڙهي ورتي هئي، تنهنڪري حديثِ پاڪ جي سچي واعدي تي مڪمل مطمئن هئس. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! قربان وڃجي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُاللهِ عَلَیْه جي اهڙي ڪامل يقين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami